نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان مشن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آمريڪا سان وڌيڪ گهڻ رخي ۽ وسيع البنياد لاڳاپن جو خواهشمند آهي، آمريڪا سان لاڳاپا پاڪستان جي لاءِ خاص اهميت رکندڙ آهن، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي کي نه ورجايو وڃي، عالمي برا??ري افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڪائونسل آن فارن ريليشنز کي خصوصي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چي?? ته پاڪستان جي لاءِ آمريڪا اهم حصيدار آهي. آمريڪا اڃا به اسان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊيءَ ۽ پرڏيهي مٽاسٽآ جي ناڻي جو وڏو ذريعو آهي. آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجو بنيادي مقصد حاصل ڪري ورتو آهي. افغانستان ۾ آمريڪي فوجي مشن کانپوءِ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ??يڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير چي?? ته 11 سيپٽمبر جي دهشتگرد حملن کانپوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا القاعده جي بنيادي قيادت کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجو بنيادي مقصد حاصل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي وزير پنهنجي خطاب ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ علائقائي سلامتي جي حوالي سان پاڪستان جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار تي روشني وڌي. هن چي?? ته آمريڪا پاران افغان مشن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آمريڪا سان وڌيڪ گهڻ رخي ۽ وسيع البنياد لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي جنهن حوالي سان سڃاتو ويندو هو پاڪستان ان ”اڳوڻي روش کان ٻاهر نڪرڻ“ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير چي?? ته نائن اليون جي دهشتگرد حملن کانپوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي دهشتگردي جي خلاف جنگ ڪئي. هن چي?? ته آمريڪا سان لاڳاپا پاڪستان جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهن، آمريڪا سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ مارڪيٽ جو درجو رکي ٿي. پاڪستان جا ذهين نوجوان اڄ به تعليم جي لاءِ آمريڪي تعليمي ادارن جو رخ ڪن ٿا جڏهن ته آمريڪا ۾ رهندڙ سياسي طور تي متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ بطرفن لاڳاپن ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. شاهه محمود قريشي چي?? ته پاڪستان اقتصادي ترجيحي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. اسان پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن جي حوالي سان نئين امڪانن جي ڳولائو آهيون. شاهه محمود قريشي چي?? ته پاڪستان 220 ملين ماڻهن تي ٻڌل اڀرندڙ مارڪيٽ آهي، جتي ٽيڪنالاجي ۽ قابل تجديد ??وانائي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، جتي آمريڪي ڪمپنيون سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون. پاڪستان گذريل 40 سالن کان افغانستان م جاري عدم استحڪام جي وڏي قيمت ادا ڪئي. شاهه محمود قريشي واضح ڪي?? ته معاشي لحاظ کان مضبوط پاڪستان خطي ۾ استحڪام جو مظهر هوندو. مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? ته پاڪ افغان سرحد جي بنهي طرفن روزگار ۽ معاشي خوشحالي حاصل ڪرڻ ۽ افغان عوام کي پنهنجي ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي ورجائڻ کان روڪڻ جي لاءِ هڪ مستحڪم حڪومت قائم ڪرڻ لازمي آهي. طالبان کي به دهشتگردي جي خاتمي، انساني حقن جي تحفظ ۽ سياسي شموليت بابت پنهنجي واعدن جي پاسداري ڪر?? گهرجي. شاهه محمود قريشي چي?? ته عالمي برا??ري ممڪن انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي فوري مدد کي يقيني بڻائي. ڪشمير جي حوالي سان پرڏيهي وزير چي?? ته وزيراعظم عمران خان عهدو سنڀالڻ جي فوري پوءِ ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي. ڀارت نه رڳو ان امن جي آڇ کي ٿُڏيو پر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي غيرقانوني قدمن ذريعي پوري خطي کي غيرمستحڪم بڻائي ڇڏيو، ان جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو. سيد ??لي شاهه ??يلاني جي لاڏاڻي تي ڀارت جي بوکلاهٽ ۽ غيرانساني رويي سڄي دنيا آڏو سندس پول کولي ڇڏيو. شاهه محمود قريشي چي?? ته پاڪستان ڪشمير مسئلي جي پرامن حل ڳولڻ جي لاءِ پرعزم آهي پر اها ذميواري ڀارت تي آهي ته هو بامعنيٰ ۽ نتيجا خيز ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري. اسان کي اميد ??هي ته عالمي برا??ري خودمختياري ۽ آزادي جي حق جي اصولن کي ڪشمير ۾ سياست جي ور چڙهڻ نه ڏيندي. پرڏيهي وزير شرڪت ڪندڙن پاران پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي پڇيل سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. تقريب ۾ ناليوارن تجزيه نگارن، ٿنڪ ٽينڪ ڪميونٽي جي ميمبرن کانسواءِ ميڊيا نمائندن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
افغان مشن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آمريڪا سان وڌيڪ گهڻ رخي ۽ وسيع البنياد لاڳاپن جو خواهشمند آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ