اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف کي 21 لک رپيا باهه جي انشورنس اد?? ڪرڻ جي هدايت ۽ بدانتظامي ڪن??ڙ قرار ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايشيا انشورنس ڪمپني جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪمپني باهه لڳڻ وقت آتشزدگي انشورنس کي لاڳو ??جڻ کي تسليم ڪيو جڏهن ته ڪمپني باهه سبب ٿيندڙ نقصان جو تعين ڪرڻ جي لاءِ سروي رپورٽ جا نتيجا به تسليم ڪيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته شارٽ سرڪٽ سبب لڳندڙ باهه سبب اٽڪل 21 لک رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته صارف کي جائز رقم ادا نه ڪئي وئي. تفصيل موجب انشورنس ڪمپني لاهور ۾ طحيٰ محد انٽرپرائيز کي باهه لڳڻ جي وقت انشورنس پاليسي جو لاڳو نه ??جڻ جو بهانو بڻائي ادائيگي کان انڪار ڪيو، جنهن تي شڪايت ڪن??ڙ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب وٽ اپيل داخل ڪئي. محتسب شڪايت ڪن??ڙ جي دعويٰ کي تسليم ڪيو ۽ ڪمپني کي 30 ڏينهن ۾ ڪليم ادا ڪئي جيتوڻيڪ انشورنس ڪمپني فيصلي جي تعميل ڪرڻ بدران صدر کي درخواست ڏني، جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف کي باهه لڳڻ جي انشورنس ڪليم اد?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
صدر پاران هڪ نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف کي 21 لک رپيا باهه جي انشورنس ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں