اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام چيو آهي ته 80 لک ڪشميرين تي قابض ڀارتي فوج والاريل علائقي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي تسلط خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چ??و ته 75 سال پهرين انهي ڏينهن ??ال?? ڀارتي سيڪيورٽي فورسز غيرقانوني طور تي ڄمون ڪشمير ۾ لٿي. انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشميري پنهنجي ئي گهرن ۾ قيدي بڻ??ي ويا. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ڀارت جو غير انساني فوجي گهيراءَ ۽ وحشياڻو ڏاڍ ۽ ڪشميرين کي اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ڪري والاريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. انجنيئر امير مقام عالمي برادري تي زور ڀريو ته والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو ن??ٽيس وٺي. هن چ??و ته ڪشميرين ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀارت طاقت ??ي وحشياڻي استعمال سان انهن جي عزم کي ٽوڙي نٿو سگهي. هن آزادي واري جدوجهد جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو.
ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي: انجنيئر امير مقام
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia