اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين آمريڪي قيادت ۾ ٻوڏ سٽيلن لاءِ امداد کي ساراهيو ۽ خوفناڪ ٻوڏ ب??بت رد عمل جي نقطه نظر کي فعاليت ۾ تبديل ڪرڻ جي اين ڊي ايم اي جي ويزن ب??بت آگاهه ڪيو. هن مستقبل جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فريم ورڪ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جيڪو ملڪ جي ڊزاسٽر رسڪ اٽلس جهڙا قدم کڻڻ کانسواءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز، انساني همدردي جي ادارن ۽ عا??مي عطيو ڏيندڙن سان جامع هنگامي رد عمل جو انٽرفيس ٿي سگهي ٿو. هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ ب??بت پڻ آگاهه ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين گڏيل مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پائيدار ترقي جي هدفن موجب ”ڪلائيميٽ ملينيم هدف“ لاءِ عا??مي عزم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آمريڪي سفير ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ حصيدارن جي تعاون سان جاري آمريڪي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ آبهوا سبب متاثر ڊزاسٽرمينيجمينٽ جي شعبي ۾ مضبوط تعاون تي زور ڏنو.
اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن