اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ کي ساڙڻ ۽ بي حرمتي جي ڪڌي فعل جي مذمت ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها ان ڪڌي فعل جو نوٽيس وٺي انصاف جي فراهمي جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي ۽ اهڙي طرح جي افسوسناڪ واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙي، سمورن مذهب?? جي پيروڪار?? جي مذهبي جذبن جو احترام ۽ تحفظ ضروري آهي ۽ ڪنهن کي به اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ٻين مذهب?? جي پيروڪار جي مذهبي جزبن کي ٺيس پهچائڻ ۽ انه?? جي توهين ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ عالمي بين المذاهب امن ڪانفرنس بعنوان ”انسانيت جو احترام ۽ ا?? جي اهميت“ جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ??يو. هن اسلام جي اصولن تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو جنهن ۾ هر هڪ کي ٻئي جي مذهب ۾ مداخلت ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ، سياسي، سماجي، ثقافتي، قانوني ۽ مذهبي آزادين کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آهي. صدر چيو ته اسلام سمورن مذهب?? جي پيروڪار?? جي عبادتگاهن جو احترام ۽ انه?? جي حفاظت ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. ان موقعي تي امن ۽ اهم آهنگي بابت بين المذاهب ڪائونسل جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد ۽ ڪميونٽي آف سينٽ ايگيڊيو جي باني پروفيسر ڊاڪٽر اينڊريا ريڪارڊي پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته رابطا عالم اسلامي جي سيڪريٽري جنرل عبدالڪريم العيسيٰ وڊيو پيغام جي ذريعي خطاب ??يو. تقريب ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبله اياز پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ مختلف م??هب?? جي قومي ۽ عالمي اسڪالرز ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کانسواءِ سفارتڪارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته دنيا جي سمورن مذهبن معاشري ۾ امن، سلامتي ۽ هم آهنگي جو درس ڏنو آهي پر بدقسمتي سان مختلف م??هبن کي مڃيندڙ انهن تعليمات کي نظرانداز ڪري مخصوص مفادن، قوم پرستي، نسل پرستي ۽ سياسي بنيادن تي جنگ جو سهارو وٺن ٿا. صدر چيو ته اسلامي معاشري جو فرض آهي ته اهو ٻين مذهب?? جي مذهبي جاي?? جي حفاظت، انه?? جي مذهبي اڳواڻن جو تحفظ ۽ احترام ڪري ۽ انهن کي قانون تحت برابر حق فراهم ڪري. هن چيو ته مسلمان معاشر?? جي ذميواري آهي ته اهي ٻين سمورن مذهبن کي مڃيندڙ?? جي عزت، آبرو، جان ۽ مال جي حفاظت ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مذهب کي غلط طور تي جنگ جي جو سبب قرار ڏنو وڃي ٿو پر تازي تاريخ ۾ اڪثر جنگيون انهن ملڪن پاران وڙهيون ويون جن وٽ علم، تعليم ۽ معلومات هئي ۽ اهي ترقي يافته هئا پر پوءِ به اهي پاڻ ۾ ۽ ٻين سان توسيع پسنداڻي ارادن ۽ ذاتي مفاد?? جي لاءِ وڙهندا رهيا. صدر چيو ته انسان پنهنجي ڀرپاسي جي حقيقت مان مشاهدو ڪرڻ سان وڌيڪ سکي ٿو. آمريڪا ۽ سوويت يونين غلطي ڪندي ويٽنام ۽ افغانستان تي حملو ڪيو ۽ تلخ سبق سکيو پر جلد ئي وساري ويٺا ۽ افغانستان ۽ يوڪرين تي ٻيهر حملو ڪري ڏنو، يهودي هولوڪاسٽ جي دردناڪ تجربي مان گذريا پر اهي ئي يهودي جيڪي هولوڪاسٽ جو شڪار ٿيا اهي پنهنجو تجربو وسري ويٺا ۽ اهي غلطين تي ظلم ۽ غيرانساني سلوڪ ڪري رهيا آهن. صدر سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ کي ساڙڻ ۽ بي حرمتي جي ڪڌي فعل جي مذمت ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ان ڪڌي فعل جو نوٽيس وٺي ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي ۽ اهڙي طرح جي افسوسناڪ واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سمورن مذهب?? جي پيروڪار?? جي مذهبي جذبن جو احترام ۽ تحفظ ضروري آهي ۽ ڪنهن کي به اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ٻين مذهب?? جي پيروڪار?? جي مذهبي جذبن کي ٺيس پهچائڻ ۽ انه?? جي توهين ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. صدر چيو ته نفرت انگيز تقرير، تشدد تي اتساهيندڙ تقريرن، نسل پرستي ۽ تعصب کي سمورن فورمن تي روڪڻ ۽ انه?? جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي. هن پناهگيرن سان امتيازي سلوڪ کي ختم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته پناهگيرن سان انه?? جي رنگ، نسل، مذهب يا جڳهه جي بنياد تي امتيازي سلوڪ نه ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان 4 ڏهاڪن تائين بنا ڪنهن فرق جي 40 لک افغان پناهگير?? جي ميزباني ڪئي، دنيا کي پاڪستا?? جي سخاوت ۽ تجربن مان سکڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر اينڊريا ريڪارڊي پڻ خطاب ڪيو ۽ افغان پناهگير?? جي پاڪستان ۾ ميزباني کي ساراهيو. هن چيو ته برادري?? جي وچ ۾ مڪالما امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته مختلف م??هبن کي پرامن طور تي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي، اقليتن کي پنهنجي سڃاڻپ جو حق حاصل آهي ڇو ته ان سان قوم جون بنيادون مضبوط ٿين ٿيون. هن چيو ته معاشري جي سمورين سطحن تي مڪالمي کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ مختلف م??هبن کي ڀلائي ۽ انسانيت جي ڀلائي جي لاءِ مقابلو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مذهب دنيا ۾ جنگين، تڪرارن ۽ نفرت کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. رابطا عالم اسلامي جي سيڪريٽري جنرل عبدالڪريم العيسيٰ پنهنجي پيغام ۾ گڏيل بقاءَ، محبت ۽ انسانيت تي ٻڌل عالمي معاشري جي قيام تي زور ڏنو. هن چيو ته مذهبن ۽ مذهبي عقيدن ۾ عظ??م تنوع جي پٺيان الله تعاليٰ جي حڪمت لڪل آهي ۽ ماڻهن کي ا?? جي حڪمت کي سکڻ ۽ اختلافن ۽ نظري?? جي فرق جي باوجود هڪ ٻئي سان امن ۽ هم آهنگي سان رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مختلف م??هبي برادرين کي نفرت ۽ اختلافن کي فروغ ڏيڻ بدران هڪ ٻئي سان گڏ اچڻ ۽ پنهنجي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. مولانا عبدالخير آزاد ان موقعي تي نفرت انگيز تقرير?? جي روڪٿام جي لاءِ عالمي قانون?? جي قيام تي زور ڏنو. هن چيو ته دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي ۽ مختلف خيال رکندڙ ماڻهن کي پرامن طريقي سان گڏجي رهڻ جي لاءِ سکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان محبت، رواداري، مهمان نوازي جو جهنڊو کڻندڙ ملڪ آهي ۽ هن دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندي جي خلاف جنگ وڙهي آهي. هن چيو ته پاڪستاني عالم سڳورن خودڪش حملن، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف م??فقه فتويٰ جاري ڪئي آهي. ان کان اڳ صدر مختلف م??هب?? جي نمائندن ۾ امن، هم آهنگي ۽ احترام انسانيت جي لاءِ انه?? جي ڪوششن تي ايوارڊ ورهايا.
صدر پاران سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ کي ساڙڻ ۽ بي حرمتي جي ڪڌي فعل جي مذمت، عالمي برادري ان ڪڌي فعل جو نوٽيس وٺي: ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ