اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ??نزانيه ۾ پاڪستان ??ي نامزد هاءِ ڪمشنر سر??ج احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب صدر ٻطرفي مفاد جي لاءِ پاڪستان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ??نزانيه سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ??نزانيه سان معاشي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي تنزانيه جي ادارن جي سگهه ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان پاران ??عاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان ??نزانيه کي سفارتڪاري، بئنڪنگ، ريلوي ۽ پوسٽل خدمتن ۾ تعاون فراهم ڪ??ي رهيو آهي. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي تنزانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نامزد هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطا ۽ وا??ار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، تنزانيه جا شاگرد پاڪستان ??ي گهٽ قيمت واري ورچوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان ??ي ورچوئل يونيورسٽي ۾ اڳ ۾ ئي اٽڪل 8 هزار غيرملڪي شاگرد ورچوئل تعليم حاصل ڪ??ي رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سر??ج احمد خان کي تنزانيه ۾ هاءِ ڪمشنر مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر تنزانيه سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪم جي هدايت پڻ ڪئي.
صدر سان تنزانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سراج احمد خان جي مُلاقات
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے