اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته ??ئين ۾ سمورن ادارن جو ڪردار طئي ٿيل آهي، جڏ??ن سمورا ادارا آئين تي مڪمل عمل ڪندا ته ملڪ ۾ آئيڊيل جمهوريت هوندي، ڊڪٽيٽر جو پوسٽر بواءِ اهو ڪندو جنهن مقصد لاءِ ان کي تخليق ڪيو ويو آهي. بي آءِ ايس پي تحت معاونت خيرات ناهي بلڪ هي عوام جو حق آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مال?? سال 24-2023ع جي بجيٽ تي بحث دوران هن چيو ته ??ساري جو بجيٽ آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ??ها خراب بجيٽ آهي، اسان کي مشڪل حالتن ۾ ذميداري کڻڻي پئي، اڳوڻي حڪومت جي ناقص پاليسين سبب مشڪل حالتون پيدا ٿيون. هن چيو ته ??ندس وزارت تحت هاڻ ماڻهن کي ريزيليئنٽ بڻائڻ تي توجهه ڏني پئي وڃي ته ??يئن اهي قدرتي آفتن ۽ ٻين معاشي جهٽڪن کان محفوظ رهي سگهن. بي آءِ ايس پي ۾ گهراڻي جي سربراهه عورت کي بڻائڻ جي شرط عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوال?? سان هڪ اهم قدم آهي. قومي اسيمبلي??َ جي ميمبرن بي آءِ ايس پي جي حوال?? سان جيڪي نُڪتا اُٿاريا آهن انهن کي حل ڪيو پيو وڃي، اسان پٺتي پيل علائقن ۾ بي آءِ ايس پي جي حوال?? سان مسئلن کي پڻ حل ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته ??ي آءِ ايس پي جي بجيٽ ۾ نمايان واڌ ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ ملڪ ۾ سماجي تحفظ هڪ اهم اِشو بڻجي چڪو آهي. بي آءِ ايس پي تحت امداد خيرات ناهي بلڪ هي هڪ فلاحي رياست جي حوال?? سان محترمه بينظير ڀٽو شهيد طرفان هڪ ويزن آهي، هي حڪوم?? طرفان ماڻهن تي احسان ناهي بلڪ انهن جو حق آهي. بينظير تعليمي وظيفي سبب هڪ سال ۾ اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا 3.7 ملين کان وڌي 7.4 ملين ٿي وئي آهي. واڌو شرح 210 سيڪڙو بڻجي ٿي ۽ ان کي 9.2 ملين تائين وٺي وڃڻ جو هدف آهي. غير آئيني، غير اخلاقي ۽ غير قانوني طريق?? سان اسيمبليءَ کي ٽوڙيو ويو، حالانڪ هي پهريون ڀيرو هڪ نااهل وزيراعظم کي آئيني طريق?? سان گهر موڪليو ويو. هن چيو ته ??تحادي پارٽيون ملي بقا ۽ استحڪام لاءِ گڏ ٿيون آهن، اسان ملڪ لاءِ هڪ صفحي تي آهيون ۽ اڳتي به ضرورت پئي ته هڪ پيج تي رهنداسين. هي پهريون ڀيرو نه ٿي رهيو آهي، ان کان اڳ به ٻه وڏيون سياسي پارٽيون چارٽر آف ڊيموڪريسي ذريعي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ ائين جي تحفظ لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته ??نرل ضياءُ الحق آئين ۾ جيڪي تبديليون ڪيون هيون اهي اسان اتفاق راءِ سان ختم ڪيون آهن، جيڪي ماڻهو جمهوريت سان جُڙيل هئا اهي سياست کي جمهوريت ۽ جمهوري نظر سان ڏسي رهيا هئا ۽ آهن اهي ڪڏهن به مايوس نه ٿيا آهن، اسان ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط بنائڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين، اهو سٺو سنوڻ آهي ته هاڻ ڪيترائي ماڻهو جمهوريت کي ان ملڪ جو مستقبل سمجهن ٿا ۽ اهائي اسان جي وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته ??ئين ۾ سمورن ادارن جو ڪردار طئي آهي جڏ??ن ادارا ان آئين تي عمل ڪندا ته ملڪ ۾ آئيڊيل جمهوريت هوندي. هن چيو ته 4 سالن ۾ ڪوڙا واعدا ڪيا ويا ۽ جڏ??ن ماڻهن سوال اُٿارڻ شروع ڪيا ته چوڻ لڳو ته ??ڪون صرف قبر ۾ آهي، هن شخص کي آمر تخليق ڪيو هو، هي هڪ ڊڪٽيٽر جو پوسٽر بواءِ آهي، اهوئي ڪندو جنهن مقصد لاءِ ان کي تخليق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ مشڪل حالتن ۾ آهي، اڄ اسان قائداعظم جي اتحاد، تنظيم ۽ نظم تي عمل نه ڪيو ته ??ن سان ملڪ کي نقصان پهچندو، اسان کي اڄ به ميثاق جمهوريت جي ضرورت آهي. آصف علي زرداري مفاهمت جي سياست تي يقين رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ??هوئي ان ملڪ ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ آهي. 9 مئي تي ملڪ جو جيڪو ڪجهه ٿيو ان جا اثر وسيع آهن.
آئين ۾ سمورن ادارن جو ڪردار طئي ٿيل آهي، جڏهن سمورا ادارا آئين تي مڪمل عمل ڪندا ته ملڪ ۾ آئيڊيل جمهوريت هوندي: شازيه مري
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ