اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هر پارٽي کي چونڊن ۾ حص?? وٺڻ جو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا، ملڪ ۾ معاشي استحڪام لازمي آه??، پاڪستان جي مُعاشي ايجنڊا کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر ??ه ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سل??م مانڊوي والا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندڙ چونڊن سميت ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي ذميواري ال??ڪشن ڪميشن جي آهي، نگران حڪومت چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ال??ڪشن ڪميشن کي هر ممڪن معاونت ۽ سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته هر پارٽي کي چونڊن ۾ حص?? وٺڻ جو پورو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام انتهائي ضروري آه??، پاڪستان جي معاشي ايجنڊا کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر ??ه ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي سينيٽر سل??م مانڊوي والا ان اميد جو اظهار ڪيو ته ال??ڪشن ڪميشن واعدي موجب جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ڪرائيندي.
هر پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب