اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 2024ع جون عام چونڊون ڪامياب منعقد ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪستان جي روشن ۽ خوش??ال مستقبل جي نويد ثابت ٿين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگرا?? وزيراعظم چيو ته ڪامياب چونڊون منعقد ٿيڻ تي پوري قوم جا ٿورا مڃان ٿو، آئون اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، نگران صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، چونڊ عملي، ميڊيا ۽ انهن سمورن ادارن ۽ ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جن آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. نگرا?? وزيراعظم چيو ته هي اهم موقعو نه رڳو اسان جي جمهوري عمل جي استحڪام ۽ مضبوطي پر پاڪستاني عوام جي ناقابل تسخير جذبي جو پڻ ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي شرڪت ۽ جوش ان جمهوري عمل جو سنگ بنياد رهيو آهي، ووٽرن جو وڌيڪ ٽرن آئون اسان جي ملڪ جي مستقبل جي لاءِ عوامي ??زم جو واضح اشارو آهي. هن چيو ته ووٽ جي ذريعي راءِ جي حق جي اظهار سا?? اسان جي جمهوري?? مضبوط ٿيندي ۽ ان جي لاءِ پاڪستاني عوام تحسين مستحق آهي. نگرا?? وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪجهه واقعن جي باوجود سڄي ملڪ ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، ايل اي اي، سويلين ايڊمنسٽريشن ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پنهنجي فرضن سا?? انهن جي اڻٿڪ وابستگي چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. نگرا?? وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام مشڪلاتن کي منهن ڏيندي غيرمعمولي همٿ ۽ ??زم جو مظاهرو ڪيو آهي، دهشتگردي جي تازون واقعن جي باوجود عوام جو جذبو ۽ چونڊ عمل ۾ انهن جي شرڪت اسان جي ملڪ کي عدم استحڪام ۾ آڻڻ جي لاءِ سرگرم قوتن جي خلاف هڪ طاقتور بيان آهي. هن چيو ته هي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان جي گڏيل خواهش جي عڪاسي ڪري ٿو. نگرا?? وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر آئون هن تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪستان جي روشن ۽ خوش??ال مستقبل جي نويد ثابت ٿين.
عام چونڊون ڪامياب منعقد ٿيڻ تي قوم کي مبارڪُون هُجن، دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪستان جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں