اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ڏهاڙي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سز??ئن ۾ 90، 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سز??ئن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 ۽ رولز آف بزنس جي رول 15 اي تح?? ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سز??ئن ۾ گهٽتائي جو لاڳو قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي نه ٿيندو. اهڙي طرح سز??ئن ۾ گهٽتائي جو لاڳو زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سز?? يافته ڏوهارين کانسواءِ مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه ٿيندو. غيرملڪي ماڻهو ايڪٽ 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تح?? سز?? يافته ماڻهن تي به سز??ئن ۾ گهٽتائي جو فيصلو لاڳو نه ٿيندو. 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا اهڙا مرد قيدي جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪيون آهن انهن تي سز??ئن ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي سز?? ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سز?? ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.
صدر پاران پاڪستان ڏهاڙي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90، 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ