اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايراني سفارت??ان?? جو دورو ڪ??و. ??ن پاڪستان ۾ ايراني سفير سان ايراني صدر ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪ??و. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون کي پنهنجي ڀاءُ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر سان وڏو صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي، اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جون سموريون همدرديون ۽ دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي هڪ شاندار عالم ۽ بصيرت رک??دڙ اڳواڻ هو، پاڪستان ??ڄ ڊاڪٽر رئيسي جهڙي مخلص ۽ اعليٰ خصوصيتن جي مالڪ ڀائرن جهڙو دوست وڃائي ڇڏيو، ان جي پنهنجي قوم سان گڏوگڏ پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون جي مضبوطي جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رک??و ويندو. هن چيو ته گذريل مهيني صدر رئيسي جي پاڪستان جي دوري اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪ??و. ??ن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ??رح??من کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستاني قوم جو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ايران سان گڏ بيهڻ تي ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايراني سفير چيو ته ??رح??م صدر ڊاڪٽر رئيسي به وزيراعظم شهباز شريف کي بهترين انسان ۽ ايران جو دوست سمجهندو هو، ??رح??م صدر رئيسي جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي جذبن ۽ ان جي لفظن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ??رح??م صدر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان ايران لاڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رک??و ويندو. وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر جي اعزاز ۾ سفارت??ان?? جي وزيٽر بڪ ۾ تعزيتي تاثرات پڻ لکيا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ايراني سفارتخاني جو دورو، ايراني صدر ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي شهادت تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی