اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ فلسطين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو، پاڪستان مطالبو ڪيو ته اسرائيل کي جوابده بڻا??و وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، 37 هز??ر کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، 20 لک فلسطيني پنهنجي گهرن کان بي دخل ٿي چڪا آهن ۽ لڏپلاڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف هو ته 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تحت آزاد فلسطيني رياست کي تسليم ڪ??و وڃي، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ۽ فلسطين ۾ جنگي ڏوهن کي فوري طور تي روڪ??و وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته غزه ۽ رفع بابت ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، اتي اسپتالن تي ب??با??ي جاري آهي، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو پ??و وڃي ۽ امدادي سامان ضرورتمندن تائين پهچائڻ جي پهچ نه پئي ڏني وڃي، جيڪو هڪ وڏو الميو آهي، جنهن تي پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ زوردار آواز اٿاريو ۽ واضح مو??ف پيش ڪيو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ اسلامو فوبيا بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.
اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ فلسطين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔