اسلام آباد -28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته 126 ملڪن جي واپارين، سيڙپڪارن ۽ سياحن کي بنا فيس جي 24 ڪلاڪن اندر آن لائين نظام تحت ويزائون جاري ڪيون وينديون، ويزا پاليسي ۾ نرمي جي فيصلي سان پاڪستان پرڏيهين لاءِ ڪا??وبار ۽ سياحت جي حوالي سان هڪ پرڪشش مقام بڻجي ويندو. ويزا پاليسي ۾ نرمي سان معيشت مستحڪم ٿيندي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محدم شهباز شريف پرڏيهي سيڙپڪارن، ڪا??وباري برادري ۽ سياحن لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بڻ??ئڻ جي حوالي سان چيو آهي، ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري، ڪا??وباري سرگرمين ۽ سياحت کي هٿي وٺ??ئڻ جي حوالي سان اهم قدم کنيا آهن، گهرو معاملن واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن وڏو قدم کڻندي، ويزا رجيم ۾ نرمي ڪئي آهي. جيڪا هڪ انتهائي مثبت اڳڀرائي آهي، گلف ڪنٽريز ڪا??ونسل جي ملڪن جي ڪا??وباري شخصيتن لاءِ پاڪستان ۾ ويزا فري انٽري جي منظوري ڏني وئي، جنهن عيوض نار جي ملڪن مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪا??وبار جا موقعا وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم چيو ته 126 ملڪن جي واپارين، سيڙپڪارن ۽ سياحن کي 24 ڪلاڪن اندر آن لائين ويزا تحت ويزائون جاري ڪيون وينديون. انهن126 ملڪن جي واپارين، سياحن کي ويزا فيس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. ويزا پاليسي ۾ نرمي جي فيصلي سان پاڪستان پرڏيهين لاءِ ڪا??وبار ۽ سياحت جي حوالي سان هڪ پرڪشش مقام بڻجي ويندو، وزيراعظم چيو ته مذهبي سياحت ۾ بهتري جي حوالي سان ٽئين مڪ جو پاسپورٽ رکندڙ سک ياترين لاءِ ويزا آن ارائيول جي سهولت لاءِ ڌار کان سب ڪيٽيگري جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي هوائي اڏن تي اليڪٽرانڪ گيٽس جو اي نظام لاڳو ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ويزا پاليسي ۾ نرمي سان معيشت مستحڪم ٿيندي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي، پاڪستان ۾ ڪيترن ئي مذهبن جا مقدس هنڌ آهن ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ جا ٻيا اتريان علائقا سياحن لاءِ جنت آهن. وزيراعظم چيو ته نئين ويزا رجيم تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان گهرو وزارت ۾ هڪ ڊيش بورڊ به قائم ڪيو ويندو، ان حوالي سان ذڪر ڪيل ملڪن کي ويزا فري اينٽري، بزنس ويزا لسٽ ۽ ٽوئرسٽ ويزا آن ارائيول جي نگراني ڪندو ۽ جائزه رپورٽ فراهم ڪندو، نئين ويزا رجيم تي گهرو وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي ڪا??ڪردگي ساراهه جوڳي آهي.
126 ملڪن جي واپارين، سيڙپڪارن ۽ سياحن کي بنا فيس جي 24 ڪلاڪن اندر آن لائن نظام تحت ويزائون جاري ڪيون وينديون: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن