راولپنڊي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جنگي سامونڊي جهاز پي اين ??يس شمشير آپريشن ”ٽيلون گرپ“ ۾ حصو ورتو. پي اين ??يس شمشير هن وقت نار عمان ۾ علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي پيٽرول تي ??قرر آهي. آءِ ايس پي آر موجب علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي پيٽرول تي ??قرريءَ دوران پي اين ??يس شمش??ر جي شراڪتدار ۽ دوست ملڪن سان آپريشن ٽيلون گرپ ۾ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه برطانيه جي رائيل نيوي جي جهاز ايڇ ايم ايس لنڪاسٽر سان مشق جو بندوبست ٿيو. مشق جو مقصد ٻنهي سامونڊي فوجن وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون کي بهتر بنائڻ ۽ خطي ۾ گڏيل آپريشنز ڪرڻ جي صلاحيت جو مظاهرو ڪرڻ هو. پاڪ بحريه ڪمبائنڊ ميري ٽائيم فورسز تحت هندي سمنڊ ۾ سامونڊي ڌاڙيلن ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ به سرگرم آهي. پاڪ بحريه هندي سمنڊ ۾ قومي ۽ عالمي سامونڊي رستن جي نگرانيءَ لاءِ پنهنجي موجودگي برقرار رکيو پئي اچي.
پاڪ بحريه جي جنگي سامونڊي جهاز پي اين ايس شمشير آپريشن ”ٽيلون گرپ“ ۾ حصو ورتو
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔