دوشنبي- 23 فيبروري (اي پي پي) تاجڪستان ۾ 6.8 جي شدت جي زل??لي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب زل??لي وارن علائقن ۾ ڊيم ٽٽڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ??اه?? مليو. فرانس جي خابرو اداري آمريڪي عرضيات کاتي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته تاجڪستان جي اوڀر واري صوبي گورنو بدخشان جي مورغوب ضلعي ۾ خميس تي صبح جو 6.8 جي شدت جي زل??لي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. جنهن جي اونهائي 20.5 ڪلوميٽر هئي. شروعاتي زل??لي جي 20 منٽن بعد 5 ۽ 4.6 جي شدت جا آفٽر شاڪس به محسوس ڪيا ويا، چائنه سينٽرل ٽيلي ويزن (سي سي ٽي وي) چائنه ارٿ ڪوئيڪ نيٽ ورڪس سينٽر مطابق زلزلي جو مرڪز چين جي سرحد کان ويجهي ترين هنڌ کان 82 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هو جنهن کي چين جي صوبي سنڪيانگ جي اولهه طرف ڪاشغر ۽ ارتش جي شهرن ۾ به محسوس ڪيو ويو، زل??لي وارا علائقا خوشقسمتي سان ڳتيل آبادي وارا نه هئا. جڏهن ته ان علائقي ?? موجود ڍنڍ ساريز جا بند ٽٽڻ جو خدشو آهي ان ڪري ڪجهه ملڪن ۾ ٻوڏ جو پڻ خطرو آهي. ساريز ڍنڍ تاجڪستان جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي، ان کان علاوه ساريز ڍنڍ جي پٺيان پامير پهاڙن جي مرڪز ۾ هڪ قدرتي ڊيم به آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڊيم ٽٽي پئي ته ان جا نتيجا تمام خراب ثابت ٿيندا. هوڏانهن فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ??اه?? مليو.
تاجڪستان ۾ 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس، آفٽر شاڪس، ڊيم ٽٽڻ جو خدشو
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر