تل ابيب-29 ڊسمبر (اي پي پي)اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائيلي حڪومت غزه ۾ يرغمال بڻايل اسرائيلي شهرين جي آزادي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. اسرائيلي اخبار دي يروشلم پوسٽ موجب يرغمالين جي پوئينرن سان ڳالهين ۾ اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسرائيل سمورين مغوين جي واپسي لاءِ ڪم ??ري رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته قطر ۽ مصر معاملي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻه ڌار ڌار تجويزون پيش ڪيون آهن ۽ اسان هن وقت رابطو ڪري رهيا آهيون. هن يرغمالين جي وارثن کي چيو ته آئون ڳالهين جي صورتحال جا تفصيل نٿو ٻڌائي سگهان. اسان ا??هن سڀني يرغمالين جي واپسي لاءِ ڪم ??ري رهيا آهيون جيڪو اسان جو مقصد آهي. روس جي خابرو اداري تاس موجب اسرائيلي وزيراعظم جي يرغمالين جي وارثن سان ڳالهين کانپوءِ اسرائيلي جنگي ڪابينا جو اجلاس ٿيو ج??هن ۾ قطر ۽ مصر طرفان ڌرين ۾ ٽياڪڙي جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
يرغمال بڻايل اسرائيلي شهرين جي آزادي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون: اسرائيلي وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ