ٽوڪيو – 19 اپريل (اي پي پي) جاپان جي ڪمپني ٽويوٽا موٽرز ڊرائيونگ دوران پويان دروازا کلڻ جي خطري کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا مان اٽڪل 2 لک 11 هز??ر پريئس گاڏيون مرمت لاءِ واپس گهرائي ورتيون. اين ايچ ڪي مطابق ??اپان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت ناڪافي واٽر پروفنگ سبب پاڻي اندر داخل ٿي پوين آٽوميٽڪ دروازن ۾ شارٽ سرڪٽ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. وزارت چيو ته جيڪڏهن ڊرائيونگ دوران دروازا لاڪ نه ڪيا ويا هجن ته بدترين صورتحال ۾ کلي سگهن ٿا، هن وقت تائين اهڙا ٽي واقعا سامهون آيا آهن جڏهن پريئس جا دروازا گهٽ رفتار سان سفر ڪندي کلي ويا هئا پر ڪنهن حادثي جو اطلاع ناهي مليو. هن چيو ته ڪمپ??ي ان ماڊل جي پيداوار ان وقت تائين روڪي ڇڏي آهي جيستائين ڄاڻايل مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پرزا حاصل نٿا ڪيا ويا وڃن.
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی