رياض -11 جون (??ي پي پي) سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت خادم حرمين شريفي?? جي پروگرام تحت حج لاءِ ايندڙ 9 ملڪ?? جي وڌيڪ 145 شاهي مهمان?? جي آجيان ڪئي آهي. ميڊيا مطابق هن وقت تائين 75 ملڪن جا هڪ هزار 75 شاهي مهمان سعودي عرب پهچي چڪا آهن. ياد رهي ته سڄي دنيا جي 88 ملڪن مان 3 هزار 322 حج پانڌيئڙا شاهه سلم??ن بن عبدالعزيز جي خصوصي دعوت تي حج جو فرض ادا ڪندا. انهن ۾ ٻه هزار حج پانڌيئڙا فلسطين ۾ شهيد ٿيلن ۽ زخمي شهري?? جي وارثن مان هوندا جڏهن ته 22 حج پانڌيئڙا سعودي عرب ۾ ڌار ٿيل سيامي ٻارن جا والدين هوندا. اسلامي معاملن واري وزارت ان پروگرام تي عملدرآمد ۽ نگراني ڪندي آهي. سعودي اسلامي معاملن واري وزير ڊاڪٽر عبداللطيف آل الشيخ جي هدايت تي شاهي مهمان?? جي خدمت لاءِ قائم ڪميٽيون حج پانڌيئڙ?? جي آمد جي طريقيڪار کي آس??ن بڻائڻ، رهائش، کاڌي پيتي، ٽرانسپورٽ کان علاوه ٻيون خدمتون فراهم ڪندا.
هڪ هزار شاهي مهمان حج لاءِ سعودي عرب پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج