اوٽاوا-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪينيڊا جي ??زيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته ڀارت ملڪ جي خودمختياري ۾ دخل اندازي ڪري هڪ خوفناڪ غلطي ڪئي آ??ي. پرڏيهي ميڊيا ان حوالي سان ٻڌايو ته ڪينيڊا جي ??زيراعظم پرڏيهي دخل اندازي جي ??عاملي تي گذريل ڏينهن انڪوائري ڪميشن آڏو گواهي ۾ چيو آهي ته ڀارتي حڪومت اهو سوچي خوفناڪ غلطي ڪئي آ??ي ته هن ڪنهن خومختيار ملڪ جي ??عاملن ۾ ان حد تائين جارحاڻي دخل اندازي ڪري سگهي ٿو جيئن هنن ڪينيڊا جي تحفظ ۽ خودمختياري ۾ ڪئي. اسان کي ڪينيڊا جي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڪينيڊا ڀارت سان پنهنجي ??يمتي ناتن کي تباهه ڪرڻ نه پئي چاهيو پر هرديپ سنگهه جي ??تل کان پوءِ اسانکي واضح اشارا مليا آهن ته ڀارت ڪينيڊا جي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪئي آ??ي . هن چيو ته اسان ڀارت کي اڪسائڻ يا ان سان ويڙهه نٿا چاهيون پنهنجي گواهي ۾ جسٽن ٽروڊو وڌيڪ چيو ته انٽيليجنس معلومات ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آ??ي ته مخالف سياسي جماعت ڪنزر ويٽيو پارٽي به غير ملڪي دخل اندازي جي ڪوششن ۾ شامل هئي يا شموليت جو انتهائي خطرو موجود هيو . ان کان اڳ ڪينيڊا جي ??وليس الزام هنيو هو ته ڀارتي سفا??تڪ??ر?? ڪرمنل نيٽ ورڪ سان گڏجي سکن کي نشانو بڻايو پر ڀارت ان جي ترديد ڪئي آ??ي.
ڀارت ڪينيڊا جي خودمختياري ۾ جارحاڻي مداخلت ڪئي: وزيراعظم ٽروڊو جو انڪوائري ڪميشن ۾ بيان
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل