ڪيف-03 جنوري (اي پي پي)يوڪرين جي صدر ولوديمير زيلنسڪي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته 2024ع دوران ڀڄي ويل يوڪرين فوجين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي، تنهن هوندي به اونهاري جي م??د کانپوءِ ان رج??ان ۾ گهٽتائي آئي آهي. پرڏيهي م??ڊيا موجب هن چيو ته ان رج??ان جو سبب جنگ جي ڊيگهه جي ڪري فوجين جو ٿڪجي وڃڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان رج??ان جو هڪ ٻيو سبب ملڪ ۾ ريزور فوجين ۽ انهن ??ي سپلائي جي کوٽ پڻ آهي، ان کان اڳ دفاعي رپورٽون شايع ڪندڙ آمريڪي م??گزين چيو ته هن وقت تائين هڪ لک کان وڌيڪ يوڪرين جا فوجي ڀڳوڙا ٿي چڪا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنگ جي ٽئين سال جي ويجهو پهچندي ئي ڪجهه يوڪرين جا فوجي ٿڪجي چڪا آهن ۽ ڪجهه جا حوصلا ڪمزور ٿي چڪا آهن، ڪجهه فوجي مبينه طور تي طبي بنيادن تي م??ڪل وٺندا آهن ۽ پوءِ ڪڏهن واپس ناهن ??يندا، جڏهن ??ه ٻين پنهنجي ڪمانڊرن کي ويڙهه سبب عين جنگ دوران پنهنجون پوسٽون ڇڏي ڏيندا آهن، رپورٽ ۾ اهڙي ئي هڪ يوڪرين جي فوجي جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هن ??رجري لاءِ فوج کان ميڊيڪل بنيادن تي م??ڪل ورتي هئي پر ان کانپوءِ هن پنهنجي زندگي جي حفاظت لاءِ فوج ۾ واپس نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو، يوڪرين جي فوجين کي هر 6 مهينن کانپوءِ 10 ڏينهن ??ائين جي م??ڪل وٺڻ جي اجازت آهي پر افرادي قوت جي کوٽ سبب اڪثر وقت فوجي اهلڪارن کي 6 مهينن کانپوءِ به اها موڪلڻ وٺڻ ۾ دير يا انڪار کي م??هن ڏيڻو پوندو آهي. ڄاڻايل فوجي اهلڪار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته جنگ جي صورتحال اها اهي ته روس طرفان 50 گولن جي جواب ۾ اسان طرفان هڪ گولو فائر ڪيو ويندو آهي، اسان روسي گوله باري جي نتيجي ۾ پنهنجي ساٿين جي جسم جا ٽڪرا ڏسندا آهيون ۽ اهو محسوس ڪندا آهيون ته ڪنهن ??ه وقت اسان سان به ايئن ٿي سگهي ٿو. فوج جي م??ازمت ڇڏيندڙ اهلڪارن جو چوڻ هو ته سندن تاثر موجب روس خلاف جنگ جي قيادت کي پاڻ به پنهنجي فتح جي خاطري ناهي ۽ نه ئي ان جنگ جي ڪا پڄاڻي نظر اچي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ فوجين لاءِ ملڪي دفاع لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ جي فيصلي جو جواز ڳولڻ نفسياتي طور تي مشڪل ٿي رهيو آهي.
گذريل سال دوران ڀڄي ويل فوجين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي: يوڪرين جو صدر
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea