قاهره -26 سيپٽمبر (اي پي پي) مصر ۾ اليڪشن اختيارين صدارتي چونڊ 10 کان 12 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو ا??لان ڪيو آهي. سعودي ميڊيا مطابق نيشنل اليڪشن اٿارٽي جي چيئرمين جسٽس وليد حسن حمزه ٻڌايو ته پولنگ 10، 11 ۽ 12 ڊسمبر تي ٿيندي، اميدوار آڪٽوبر کان درخواستون جمع ڪرائي سگهندا، اميدوارن جي فهرست کي 9 نومبر تي حتمي شڪل ڏني ويندي، چ??نڊ مهم 29 نومبر تائين جاري رهندي ۽ نتيجن جو ا??لان 18 ڊسمبر تي ڪيو ويندو. اڳوڻي آرمي چيف صدر عبدالفتاح السيسي جو اٽڪل هڪ ڏهاڪي کان اقتدار ۾ آهي اڃا تائين پنهنجي اميدواري جو باقاعده اعلان ناهي ڪيو. 68 سالن جو عبدالفتاح السيسي پهريون ڀيرو 2014ع ۾ صدر چونڊيو هو ۽ وري 2018ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. هاڻي تائين رڳو ٻن ٻين اميدوارن چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو ا??لان ڪيو آهي. ج??هن ۾ مخالف ڌر جو سياستدان احمد الطعطاوي شامل آهي. مصر جي سوشل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدر فريد زهران به چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو ا??ادو ظاهر ڪيو آهي.
مصر ۾ صدارتي چونڊ لاءِ پولنگ 10 کان 12 ڊسمبر تي ٿيندي: نيشنل اليڪشن اٿارٽي
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب