گڏيل قومون – 08 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي گنگ شوانگ چيو آهي، ته يوڪرين جي بحران جي سياسي حل تي چين ۽ برازيل طرفان پيش ڪيل اتفاق راءِ سڀ کان وڏو نقطئه نظر آهي جيڪو بين الاقوامي برادري يوڪرين جي بحران جي باري ۾ جوڙي سگهي ٿي. ۽ چين جي اتفاق راءِ جي حمايت ۽ شموليت لاءِ وڌيڪ ملڪن جي آجيان ڪري ٿو. چيني ميڊيا موجب گنگ شوانگ يوڪرين جي معاملي تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چي?? ته تڪرار جي شروعات کان پوءِ چين هميشه امن ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۽ يوڪرين جي بحران جي سياسي حل لاءِ مثبت ڪوششون ڪندو اچي پيو. ڪج??ه وقت اڳ چين ۽ برازيل گڏيل طور يوڪرين جي بحران تي 6 نقاطي اتفاق راءِ پيش ڪيو هو، جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو هو، ته ڳالهيون ۽ ڳالهيون ئي بحران جو حل ڪڍڻ جو واحد رستو آهن، جنهن ۾ سمورين ڌرين تي زور ڀريو وي?? ته اهي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. سمورين ڌرين کان انساني امداد وڌائڻ، ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي مخالفت ڪرڻ، ايٽمي بجلي گهرن تي حملن جي مخالفت ڪرڻ ۽ عالمي ص??عت?? ۽ سپلاءِ چين جي استحڪام کي برقرار رکڻ جو مطالبو ڪيو.
چين هميشه امن ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۽ يوڪرين بحران جي سياسي حل لاءِ مثبت ڪوششون ڪيون آهن: چيني نمائندو
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ