رياض-27 آ??سٽ (اي پي پي )سعود?? عرب ۾ آمريڪي سفير مائيڪل رتني چيو آهي ته مملڪت سان تاريخ ساز معاهدي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن هڪ ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته سعود?? عرب ۽ آمريڪا ڪيترن ئي معاهدن تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري ۽ فوجي معاهدن کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ سعود?? عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ ناتن کي معمول تي آڻڻ ۽ اقتصادي ناتن کي هٿ?? ڏيڻ شامل آهي، جيڪي آزاد فلسطيني رياست لاءِ هڪ قابل اعتماد راهه طرف وٺي ويندا. آمريڪي سفير چيو ته اسان ان معاهدي جي ڪيترن ئي اهم نقطن جي انتهائي ويجهو اچي چڪا آهيون ۽ اهو ضروري آهي ته اسان ان کي گڏجي حتمي شڪل ڏيون، اهو آمريڪا ۽ سعود?? عرب وچ ۾ هڪ تاريخ ساز معاهدو هوندو. جيتوڻيڪ مائيڪل رتني معاهدن جي پيڪيج کي قطعي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪنهن مخصوص ٽائيم فريم جو ذڪر ناهي ڪيو، پر هن ان جي جلد پڄاڻي جي خواهش جو اظهار ڪيو . آمريڪي سفير چيو ته اسان هڪ پيچيده خطي ۾ آهيون ۽ معاهدي ۾ به ڪيتريون ئي پيچيدگيون آهن پر اسان جلد ان کي مڪمل ڪنداسين.
سعودي عرب سان تاريخ ساز معاهدي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری