پيرس-06 نومبر (اي پي پي) فرانس ۾ 7 خاندانن ٻارن کي نقصانڪار مواد ??بب متاثر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ چيني سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ تي ڪيس دا??ل ڪيو آهي. اي ايف پي موجب فرانسيسي خاندانن سوشل ميڊيا پليٽ فورم خلاف عدالت جو رخ ڪيو آهي. انهن خاندانن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ اٽڪل 1.6 ارب صارفين وارو اهو پليٽ فار?? ٻارن کي اهڙو مواد فراهم ڪري ٿو جيڪو انهن کي نقصان پهچائيندڙ، ??پگهات ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جي عادتن ۾ خرابين طرف راغب ڪري ٿو انهن ۾ اهڙا خاندان به شامل آهن جن جي نياڻين آپگهات ڪيو ۽ 4 اهڙا خاندان به آهن جن جو چوڻ آهي ته ٻارن ٽڪ ٽاڪ جي مواد جي اثر هيٺ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم سان شڪايت ڪندڙ هڪ ٻئي خاندان جو چوڻ آهي ته ان ايپ ??بب انهن جي ٻارکي کاڌي جو مس??لو ٿي ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش