اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان ڪامياب سفارتڪاري ذريعي اڳيان وڌي رهيو آهي، اهو تاثر صحيح نه آهي ته پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار ٿي رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزارت جي ناڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر پاران ڪٽوتي جي رٿن تي بحث سهيڙيندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته پرڏيهي وزارت جو گذريل سال جي ??يٽ ۾ بجيٽ ۾ اضافو رڳو 11 سيڪڙو ??هي، اسان غيرضروري ناڻي جا مطالبا ناهن ڪيا، سفارتخانن جي ??ارڪردگي ۽ ڪميونٽي سروسز جي ??ذريل ٽن سالن ۾ بهتري آئي آهي، سفارتخانن ۾ نادرا پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي سهولتون اچي چڪيون آهن، آن لا??ين درخواستون به ڏئي سگهجن ٿيون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی