اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محم?? نواز شريف چيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ وڃڻ اسان جو حق آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن سنڌ ?? ڪم ناهي ڪيو ته انهن کي نتيجن جي لاءِ به تيار رهڻ گهرجي، اسان جي سياسي مخالفن کي به پورو حق حاصل آهي ته هو پنجاب سميت جتي وڃڻ چاهين وڏي شوق سان وڃن، عوام اسان جي ڪارڪردگي ڏسي رهي آهي ۽ ٻين جو به ڪم عوام جي سامهون آهي. مسلم ليگ (ن) هميشه ڪارڪردگي جي بنيادن تي ووٽ حاصل ڪيا آهن ۽ آئنده به شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪنداسين. هن اها ڳالهه مسلم ليگ (ن) سنڌ جي تنظيمي اجلاس جي صدارت ڪندي ??ئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محم?? نواز شريف پارٽي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو عوام سان مسلسل رابطي ۾ رهن ۽ ترقي، خوشحالي ?? روشن پاڪستان جو پيغام سنڌ جي هر شهر، ڳوٺ جي عوام تائين پهچائين.
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے