اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي، روينيو ۽ اقتصادي معا??لن واري صلاحڪار ڊاڪٽر مف??اح اسماعيل ملڪي معيشت جي حالت کي بهتر قرار ڏيندي چيو آهي ته هن سال اقتصادي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو تا??ين پهچي سگهي ٿي جڏهن ته ناڻي واڌ 3 کان 4 سيڪڙو تا??ين رهڻ جو امڪان آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڊاڪٽر مف??اح اسماعيل ٻڌايو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران اوڳاڙين جي وصولي ۾ نمايان حد تا??ين اضا??و ٿيو آهي. هن چيو ته توانائي جا منصوبا پنهنجي مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ آهن، روانگي واپار، ناڻي واڌ ۽ سڌو سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضا??و ٿي رهيو آهي، جنهن جي مدد سان مٽاسٽا جو ناڻو ملڪ ۾ اچي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم