اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پوري قوم جي نمائندن جهڙي انداز سان وزيراعظم ??مر??ن خان جي گڏيل قومن جي تقرير جي پذيرائي ڪندي بي مثال استقبال ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي، عوام جو وڏو هجوم ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته جيڪي دلين ۾ رهن ٿا عوام انهن کي پنهنجي اکين تي ويهاري ٿي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم ??مر??ن خان جي هڪ ڪلاڪ جي خطاب اسلام جي نام نهاد ٺيڪيدارن جي ديڳڙي ??چ چوراهي تي وائکي ڪري ڇڏي آهي، ناموس رسالت صه تي جيڪا سياسي دڪانداري انهن چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي انهن جي فلم سئنيما اسڪرين تي لڳڻ کان اڳ ئي فلاپ ٿي وئي آهي، هاڻي انهن جي چورن ڪنه?? دڪان تي وڪامجڻ واري نه آهي، اسلام جي نالي تي سياسي دڪان چمڪائيندڙن کي پيغام ڏيان ٿي ته اهي اڳتي وڌي وزيراعظم ??مر??ن خان جو مٿو چومين ۽ پنهنجو سياسي مورچو بند ڪري ڪشمير جي مورچي تي اسان سان گڏ بيهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم ??مر??ن خان جي وطن واپسي جي موقعي تي هوائي اڏي تي بي مثال استقبال کانپوءِ شرڪت ڪندڙن ۽ صحافين کي خطاب ڪندي ڪيو.
قوم جهڙي انداز سان وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس