اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ سياسي سطح تي ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي م??ڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گهڻ رخي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اهميت رکن??ڙ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريلا ٽائيل ڪاپوتي سان هتي م??اقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چ??و ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان ۾ بهتري آڻڻ جي گنجائش موجود آهي، هن چ??و ته سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ ٻنهي طرفن کان ڪاروباري وفدن کي گڏيل رابطا وڌائڻ گهرجن ته جيئن سيڙپڪاري جا امڪان ڳولي سگهجن، هن چ??و ته پاڪستان، ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش