اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد جي سان گڏ اير??ن جي نئين چونڊيل صدر سيد ابراهيم رئسي سان تهران ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ??نهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ايران ??اڳاپا، علائقائي ترقي، اقتصادي تعاون ۽ پارلياماني رابطن کي جامع بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين اير??ن جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ايران ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين کي وزيراعظم پاڪستان عمران خان حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪست??ن جي نمائندگي لاءِ نامزد ڪيو هو. نئين چونڊيل ايراني صدر سان ??لاقات دوران ??اڪستان ۽ اير??ن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي اتفاق ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين ان ??وقعي تي اير??ن جي نئين چونڊيل صدر لاءِ پاڪستاني قوم، پارليامينٽ، صدر ۽ وزيراعظم پاران ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ اير??ن جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ۽ واپار جي فروغ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي به ضرورت آهي. هن چيو ته ايران سان بلوچست??ن جي سرحدي علائقن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ جي به درخواست آهي، ان ??وقعي تي ايراني صدر چيو ته علائقائي واپار جي فروغ لاءِ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ بلوچست??ن جي علائقن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي لاءِ درپيش مسئلن کي فوري حل ڪيو ويندو.
سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جي ايران جي نئين چونڊيل صدر سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری