اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن مخصوص گروپ جي حمايت نه ڪري رهيو آهي، موجوده حالتن ۾ افغانستان ۾ سياسي مفاهمت مشڪل نظر اچي رهي آهي، افغانستان ۾ جيڪا به حڪومت ٺهندي پاڪستان ان سان گڏجي ڪم ڪندو، افغانستان ۾ امڪاني ڊگهي خانه جنگي جي صورت ۾ افغانستان کانپ??ءِ ٻيو سڀ کا?? وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان هوندو، واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان فوجي اڏن جي اجازت نه ڏيندو، نٿا چاهيون ته ??سان جي سرزمين افغانستان ۾ حملن جي لاءِ استعمال ٿئي، افغان حڪومت هر طرح جي حڪومتي ۽ انتظامي خرابين جو الزام پاڪستان تي لڳائي رهي آهي، آمريڪا جي ڪوشش رهي آهي ته ??البان ۽ افغان حڪومت ڪنهن معاهدي تي پهچي وڃن، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار غير ملڪي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. افغانستان جي صورتحال جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ??سان کي اميد هئي ته افغانستان جو مسئلي جو ڪو سياسي حل نڪري ايندو پر هن وقت اهڙو مشڪل نظر اچي رهيو آهي، اهو مشڪل ان لاءِ آهي ته ڇو ته ??البان انڪار ڪري رهيا آهن، طالبان جي سينئر قيادت پاڪستان آئي هئي ۽ اسان کين پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن سياسي حل طرف اڳتي وڌن. هن چيو ته ??ياسي حل ئي افغانستان کي انتشار طرف وڃڻ کان روڪي سگهي ٿو، بدقسمتي سان جڏهن طالبان هتي آيا هنن اشرف غني سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو، انهن جي شرط اها آهي ته ??يستائين اشرف غني اقتدار ۾ آهي هو افغان حڪومت سان ڳالهيون نه ڪندا، وزيراعظم چيو ته 2019ع ۾ جڏهن پاڪستان طالبان کي آمريڪا سان ڳالهين تي راضي ڪيو هو ته مون تجويز پيش ڪئي هئي ته چونڊن کان اڳ اتي هڪ عبوري حڪومت هجڻ گهربي هئي ته ??يئن چونڊن ۾ سڀئي ڌريون شامل ٿين، افغان حڪومت عبوري حڪومت جي خيال کي تنقيد جو نشانو بڻايو، هنن چونڊون ڪرايون ۽ صدر اشرف غني چونڊجي ويو، هن چيو ته ??ڏهن اشرف غني صدر چونڊجي ويو ۽ طالبان ان عمل ۾ شريڪ نه ٿيا، اشرف غني ضد ڪيو ته ??البان ساڻس ڳالهيون ڪن ۽ طالبان نه کيس ۽ نه ئي چونڊن کي تسليم ڪيو، طالبان افغان حڪومت سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي طرح ان مسئلي جنم ورتو ۽ اهو مسئلو هاڻي به جيئن جو تئين موجود آهي، وزيراعظم چيو ته افغان حڪومت سمجهي ٿي ته ??سان وٽ ڪا جادوئي طاقت آهي ته ??سان جيئن چاهينداسين ان تي طالبان کي راضي ڪري وٺنداسين، جڏهن آمريڪين پنهنجا فوجي واپس موڪلڻ شروع ڪيا ۽ خاص ڪري جڏهن هنن نڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ته ??ن کانپ??ءِ طالبان تي اسان جو اثر رسوخ انتهائي گهٽ ٿي ويو ڇو ته ??البان سمجهيو ته هنن جنگ کٽي ورتي آهي، هن چيو ته ??سان سمجهون ٿا ته افغانستان ۾ امڪاني ڊگهي خانه جنگي جي صورت ۾ افغانستان کانپ??ءِ ٻيو سڀ کا?? وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان هوندو. اسان سڀ کا?? وڌيڪ متاثر ٿينداسين، پهريون سبب اهو آهي ته افغانستان کا?? وڌيڪ پختون پاڪستان ۾ آهن، طالبان بنيادي طور تي پختونن جي تحريڪ آهي ۽ ان جا اثر پاڪستاني علائقن ۾ ايندا. 2003ع ۽ 2004ع کانپ??ءِ ائين ٿي چڪو آهي اسان پنهنجي پختون علائقن ۾ افغانستان جي صورتحال جي نتيجي ۾ رد عمل آيو ۽ پاڪستان کي 70 هزار جانين جو نقصان کڻڻو پيو ڇو ته ??سان آمريڪا جي حمايت ڪئي هئي. هن چيو ته ??ن ڳالهه جو امڪان آهي ته ??سان جي پختون علائقن ۾ وري مسئلا پيدا ٿيندا، ستر هزار جانين ۽ معيشت کي 100 ارب ڊالر کا?? وڌيڪ جي نقصان سان گڏوگڏ اسان جي قبائلي علائقن مان 30 لک ماڻهن کي پنهنجي گهرن کي ڇڏڻو پيو، اها پهرين پريشاني آهي، ٻي پريشاني پناهگيرن جي آهي، اسان وٽ هتي پهرين ئي 30 لک رجسٽرڊ افغان پناهگير موجود آهن، اسان جي معيشت درست رخ ۾ گامزن آهي ۽ اسان ايئن هرگز نه چاهينداسين ته وڌيڪ پناهگير پاڪستان اچن ۽ ٽئين ڳالهه اها آهي ته ??سان افغانستان جي رستي وچ ايشيا سان رابطن جا عظيم منصوبا ٺاهيا آهن، وزيراعظم چيو ته ??زبڪستان کان افغانستان ۾ مزار شريف جي رستي پاڪستان ريلوي لائن منصوبي جي سلسلي ۾ تازو ئي تاشقند ويو هو جيڪو ان پوري خطي کي پاڻ ۾ ملائيندو، افغانستان ۾ خانه جنگي جي صورت ۾ وچ ايشيا سان رابطن تي ٻڌل اسان جي معاشي ايجنڊا پوئتي هلي ويندي. هن چيو ته پاڪستان افغان عوام پاران نامزد يا چونڊيل ڪنهن به حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، افعان عوام جنهن حڪومت کي به پنهنجو نمائندو سمجهندي پاڪستان ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ??البان جي ڪنٽرول جو دارومدار ان جي نوعيت تي آهي، جيڪڏهن طالبان جي ڪنٽرول ۾ سڀئي ڌريون شامل هجن ته ??هو افغانستان جي لاءِ بهترين آپشن آهي، جيڪڏهن اها سڀني جي نمائ??ده حڪومت آهي پر جيڪڏهن اها ڪنهن هڪ ڌر جي حڪومت آهي ۽ سڄي افغانستان ۾ جنگ ٿي رهي هجي ته ??سان سمجهون ٿا ته ??يڪڏهن طالبان فوجي قبضي جي نتيجي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري وٺن ٿا ته ??ن مان مراد ڊگهي خانه جنگي آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڇا هن وقت پهرين ترجيح افغانستان ۾ جنگ بندي هجڻ گهرجي ڇو ته ??هري متاثر ٿي رهيا آهن، اها صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي جيڪڏهن جنگ جاري رهي ٿي ۽ وڏن شهرن ۾ پکڙجي وڃي ٿي، جنگ جو وڏن شهرن ۾ پکڙجڻ سان وڏي تعداد ۾ فوتگين جو امڪان آهي. وزيراعظم چيو ته هر قيمت تي جنگ بند ٿيڻ گهرجي ۽ دوحه ڳالهين جو پيش نظر به اهو ئي آهي، آئون ڪنهن فوجي حل جو حامي نه آهيان، هڪ سياستدان جي طور تي اهو سمجهان ٿو ته ??سان کي سدائين سياسي حل ئي کي ڳولڻ گهرجي.
پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن مخصوص گروپ جي حمايت نه ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ جيڪا به حڪومت ٺهندي پاڪستان ان سان گڏجي ڪم ڪندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا