اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ مريم صفدر جي آڊيو بابت جاچ م??مل ٿي ويندي، 2008ع کان هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سين??ٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪمي??ي جي اجلاس کي بريفنگ جي دوران ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪمي??ي جو اجلاس سومر تي ڪمي??ي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ج?? صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ ميڊيا چئنلز کي اشتهار ڏيڻ جو معاملو غور هيٺ آيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب سين??ٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ مريم صفدر جي آڊيو بابت تحقيقات م??مل ٿي ويندي، 2008ع کان هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ ڪميٽي ۾ پيش ڪنداسين، فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر ڪجهه چئنلز کي اشتهار نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي جاچ ڪميٽي ان ڳالهه کي به ڏسي رهي آهي ته مريم صفدر ڪهڙي حيثيت ۾ اهي هدايتون ڏنيون، مملڪتي وزير چيو ته ان ڳالهه جو به جائزو ورتو پيو وڃي ته ن ليگ جي دور ۾ اشتهار ڏيڻ جو ميڪنزم ڪهڙو هو، فرخ حبيب چيو ته اشتهارن جي روڪڻ سان آزادي صحافت جي متاثر ٿيڻ جي رخن کي به ڏسي رهيا آهيون، ڪمي??ي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو ته ڪنهن کي ته تمام گهڻا اشتهار ملي رهيا آهن ۽ ڪنهن کي نه هجڻ جي برابر آهن، ڪمي??ي جي چيئرمين ن ليگ دور ۾ ميڊيا چئنلز کي ڏنل اشتهارن ج?? تفصيل طلب ڪري ورتا.
مريم صفدر جي مبينه آڊيو جي انڪوائري ڪئي پئي وڃي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ