اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انشورنس محتسب جو حڪم برقرار رکندي چيو آهي ته انشورنس ڪمپني پال??سي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، صدر انشورنس ڪمپني کي شهري کي 57172 آسٽريلو?? ڊالر جو مڪمل هيلٿ انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي انشورنس ڪمپني جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب انشورنس ڪمپني ڪمزور بنيادن تي شهري کي انشورنس ڪليم جي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، شڪايت ڪندڙ (فهد محمود) ڪمپني کان والد جي آسٽريليا وڃڻ جي لاءِ 50 هزار آمريڪ?? ڊالر جي هيلٿ انشورنس پال??سي ورتي، آسٽريليا ۾ قيام دوران شهري جي والد جو ٻه ڀيرا اسپتالن ۾ علاج ڪيو ويو، شهري هيلٿ انشورنس ڪليم داخل ڪيو، ڪمپني والد جي اسپتال ۾ رڳو پهريون ڀيرو داخل ٿيڻ جي ڪليم کي تسليم ڪيو، ٻئي داخلا جي دعويٰ کي اڳ کان موجود بيمارين کي لڪائڻ جي ڪري رد ڪري ڇڏيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو. انشورنس ڪمپني محتسب جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي، جنهن کي رد ڪيو ويو. صدر چ??و ته پهرين کان موجود بيماري کي ثابت ڪرڻ جي ذميواري ڪمپني جي آهي، انشورنس ڪليم جي ترديد جي لاءِ موجود بيماري جي موجودگي ۽ پال??سي هولڊر جي ڄاڻ ۾ رکڻ بابت ناقابل ترديد ثبوت گهربل ه??ند?? آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪمپني پاران اڳ کان موجود بيماري ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪا رپورٽ پيش نه ڪئي وئي، انشورنس ڪمپني پال??سي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، پال??سي جاري ڪرڻ کان اڳ ڪمپني پاران مناسب احتياط جي ضرورت آهي، مناسب عمل مان گذرڻ کانسواءِ، پال??سي جاري ڪرڻ اهڙيون حالتون پيدا ڪري ٿو. صدر چ??و ته هڪ پال??سي هولڊر پال??سي جاري ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو، ٻاهرئين ملڪ سفر ڪندڙ پال??سي هولڊر کي غيرملڪي سرزمين ۾ صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ٻاهرئين ملڪ سفر ڪندڙ پال??سي هولڊر کي فوري طبي مدد جي فراهمي سفري انشورنس پال??سي جو اصل مقصد آهي. صدر چ??و ته ڪمپني هڪ قائدم شده ادارو آهي، پال??سي جاري ڪرڻ کان اڳ موجود بيمارين جو پتو لڳائڻ جا سمورا ذريعا ميسر آهن. صدر چ??و ته ڪمپني بنا ڪنهن اعتراض جي اڳ ۾ داخلا جي دعويٰ کي قبول ڪيو، ٻئي داخلا جي دعويٰ کي بنا جواز رد ڪيو، ناقص بنيادن تي ٻي دعويٰ جي ترديد بدانتظامي آهي. صدر چ??و ته ٻئي ڪليم کي رد ڪرڻ غيرمنصفاڻو، غيرمعقول ۽ غيرلاڳاپيل بنيادن تي ٻڌل آهي، انشورنس ڪمپني (يونائيٽيڊ انشورنس آف پاڪستان لميٽيڊ) جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.
وفاقي انشورنس محتسب جو حڪم برقرار، انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پابند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال