اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب فنڪارن جي لاءِ هيلٿ انشورنس رجسٽريشن فارم جاري ڪندي چيو آهي ته حڪومت صحافين وا??گر فنڪارن جي لاءِ پڻ هيلٿ انشورنس پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جلد پاڻ فنڪارن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيندو. هو فنڪارن جي لاءِ هيلٿ انشورنس رجسٽريشن فارم جاري ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. هن چيو ته 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي هيلٿ انشورنس پروگرام جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. صحافين جي لاءِ ان کان اڳ ويلفيئر فنڊ هو پر موجوده حڪومت هيلٿ انشورنس جو ??روگرام پڻ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته فنڪارن سدائين پاڪستان جي ثقافت، تهذيب ۽ ادبي ورثي کي فروغ ڏنو، جهڙي طرح ڪلچر اسان جو ??رثو آهي، اهڙي طرح فنڪار به اسان جو ??رثو آهن. هن چيو ته صحافين وا??گر فنڪارن جي لاءِ پڻ هيلٿ انشورنس پروگرام شروع ڪيو ??يو آهي. فنڪار بي وسي جي حالت ۾ پڻ ڪنهن کي شڪايت نه ڪري سگهندا هئا، فنڪارن کي صحت جي جديد سهولتون فراهم ??رڻ جي لاءِ آرٽسٽ هيلٿ انشورنس پروگرام شروع ڪيو ??يو آهي. www.demp.gov.pk تي فنڪار پنهنجو ??اڻ کي رجسٽرڊ ڪن. هن چيو ته صحت جي سهولتن تائين پهچ هڪ طريقيڪار ذريعي ٿي سگهندي، فنڪارن کي پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج جي سهولت ملي سگهندي. هن چيو ته وزيراعظم محرم الحرام کانپوءِ ان پروگرام کي باقاعده جاري ڪندو، ان کان اڳ سمورا فنڪار پنهنجي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ڪري وٺن. هن ان پروگرام کي مڪمل ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.
حڪومت صحافين وانگر فنڪارن جي لاءِ پڻ هيلٿ انشورنس پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم پاڻ فنڪارن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج