اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 4525 ارب رپيا ماليت جا 90 ڪر??ڙ پنج لک ن??ٽ گردش هيٺ آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز جي 5 هزار رپين جي نوٽ بابت رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنج هزار جو نوٽ پهريون ڀيرو 27 مئي 2006ع تي جاري ٿيو هو، هن وقت ملڪ ۾ 90 ڪر??ڙ پنج لک ن??ٽ گدش هيٺ آهن جن جي ماليت 4525 ارب رپيا آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جيڪو به ڪر??سي نوٽ جاري ڪر?? ٿي يا پوءِ ??تم ڪري ٿي اهو باقاعده قانون موجب هوندو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميم ڪر?? اسٽيٽ بئنڪ ڪجهه وڌيڪ ئي آزاد ڪيو ويو هو، اهو ??ني??دي اقتصادي پاليسي جو معاملو آهي، مختصر مدي جي لاءِ ايندڙ نگران حڪومت بدران ايندڙ پارليامينٽ اسٽيٽ بئنڪ جي آزادي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪر?? ته مناسب ٿيندو، جيڪڏهن اهو معاملو بحث هيٺ آندو وڃي ته ناڻي واري نگران وفاقي وزير ان جو جواب ڏيندي، اسان اهي منظر ڏسڻ نه ٿا چاهيون جيڪي اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ ڊي موناٽائيزيشن جي وقت نظر آيا هئا. ان کان اڳ رٿ تي ڳالهائيندي سينيٽر محسن عزيز چيو ته ملڪ ۾ 5 هزار رپين جو نوٽ ناڻي واڌ ۽ بدعنواني جو سبب آهي، ان کي ??تم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. سينيٽر وليد اقبال چيو ته 5 هزار رپين جو نوٽ جمع ڪرائيندڙن جو رڪارڊ پڻ جوڙڻ گهرجي.
ملڪ ۾ هن وقت 4525 ارب رپيا ماليت جا 90 ڪروڙ پنج لک نوٽ گردش هيٺ آهن: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha