ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ م??جد جو دورو ڪيو ۽ مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ م??جد جو دورو ڪيو ۽ مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو، مرحوم شيخ زيد جي دانشمنداڻي قيادت دنيا جي مختلف قومن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ڪلچر کي سگهه ڏني. نگران وز??راعظم چيو ته مرحوم شيخ زيد جا پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان انتهائي ويجها لاڳاپا هئا. نگران وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته شيخ زيد مسجد جو عظيم پيغام گڏيل بقاءَ، ڀائيچاري ۽ ٻين ثقافتن جي لاءِ وڏي دل جي تصور کي اجاگر ڪري ٿو، اهو پيغام گڏيل عرب امارات جي باني جي شاندار ميراث کان متاثر آهي. نگران وز??راعظم کي اسلامي ثقافت جي حقيقي جوهر کي اجاگر ??رڻ ۾ مسجد جي اهم ڪردار بابت ٻڌايو ويو. شيخ زيد گرينڊ م??جد جديد اسلامي فن تعمير جو هڪ شاهڪار نمونو آهي جنهن ۾ 40000 کان وڌيڪ نمازين جي ويهڻ جي گنجائش آهي. شيخ زيد مسجد گڏيل عرب امارات جي سڀ کان وڏي ۽ دنيا جي ٽئين وڏي مسجد آهي. مسجد جي دوري دوران پنجاب جو نگران وڏو وز??ر محسن نقوي ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير فيصل نياز ترمزي پڻ نگران وز??راعظم سان گڏ هئا.
نگران وزيراعظم جو ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ مسجد جو دورو، مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي قبر تي فاتحه خواني، خراج عقيدت پيش ڪيو
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔