برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پهرين نيوڪليئر انرجي سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ بيلجيئ?? جي گادي واري شهر برسلز جو دورو ڪيو، پرڏيهي وزير سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي بجلي جي پيداوار ۾ پاڪستا?? جي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ائٽمي توانائي جي اهمي?? تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ موسمياتي آفتن کان شديد متاثر ٿيندڙ ملڪ طور گهٽ ڪاربن توانائي جي ذريعن سان گڏ توانائي کي مناسب بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن اسرندڙ ملڪ?? جي توانائي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فني مدد ۽ گهڻ رخي مالياتي ادارن پاران مالي امداد جي فراهمي سميت عالمي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. هن سويلين نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت کي ٻين ملڪن خاص طور تي اسرندڙ ملڪن سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب پرڏيهي وزير آءِ ا?? اي اي جي ڊئريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال کي وڌائڻ ۾ آءِ ا?? اي اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن انرجي مڪس ۾ ائٽمي توانائي جي حصي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ايجنسي جي فني تعاو?? جي اهمي?? تي زور ڏنو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي گهرجي ته اهي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توانائي جي منصوب?? جي حمايت ڪن ته جيئن اهي پنهنجي توانائي جي ضرورتن کي پورو ۽ زيرو اخراج جي هدفن کي حاصل ڪري سگهن. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز جي دوري دوران چي?? جي نائب وزيراعظم زانگ گوچنگ، آذربائيجا?? جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف، ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ۽ گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير الماز روئل سهيل سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بيلجيئ?? جي وزيراعظم ۽ ڊائريڪٽر جنرل عالمي ائٽمي توانائ?? ايجنسي جي گڏيل ميزباني ۾ سربراهه اجلاس ائٽمي توانائي ۾ تعاو?? جي ڳولا، فوسل فيوئل جي استعمال کي گهٽ ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ عالمي اڳواڻن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪيو. هي ائٽمي سائنس، ايپلي ڪيشنز ۽ پاور تي عالمي ائٽمي توانائ?? ايجنسي (آءِ ا?? اي اي) سان پاڪستا?? جي مصروفيت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو پڻ هڪ اهم موقعو هو.
پرڏيهي وزير جو پهرين نيوڪليئر انرجي سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز جو دورو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج