اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو 11 هون اج??اس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اج??اس ۾ ناڻي واري واري وفاقي وزير، پيٽروليم واري وفاقي وزير، سيڪريٽري ايوي ايشن، سيڪريٽري قانون، سيڪريٽري بي او آءِ ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ ايف سي شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ايوي ايشن ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ايئرپورٽ آئوٽ سورسنگ پراجيڪٽ ۾ يورپ سميت مختلف ايئرپورٽ آپريٽرز دلچسپي جو اظهار ڪيو آه??. انهن مان ڪجهه آپريٽرز مقامي سيرپڪارن سان ڪنسوريشم جوڙي ڇڏيو آه?? ۽ قانوني ۽ مالياتي احتياط سان ڪم ڪري رهيا آه??ون، ان سلسلي ?? انهن جي ٽيمن تازو ئي اسلام آباد ايئرپورٽ جو دورو ڪيو. اج??اس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٻوليءَ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 جولاءِ مقرر آه??، جڏهن ته منصوبي جي مشڪلاتن جي ڏس ۾ ممڪن ٻولي ڏيندڙن ٻولي جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ توسيع جي درخواست ڪئي آه??، اهڙي طرح جي توسيع وڌيڪ مسابقت جي اجازت ڏيندي ۽ اهڙي طرح ان منصوبي جي لاءِ بهتر قيمت هوندي. آءِ ايف سي جيڪو ان منصوبي جي ڏيتي ليتي جو مشير آه??، ان تجويز جي حمايت ڪئي، ان موجب اسٽيئرنگ ڪميٽي ٻولي جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ٻن مهينن جي توسيع جي اجازت ڏني. اسٽيئرنگ ڪميٽي وڌيڪ هدايت ڪئي ته ممڪن ٻولي ڏيندڙن کي هوابازي واري وزارت ۽ آءِ ايف سي پاران مڪمل طور تي تعاون ڪيو ويندو، ان تعاون سان مناسب ڪم جلد مڪمل ڪري سگهبو ۽ ٻولي جي عمل ۾ وڌ کان وڌ شرڪت کي يقيني بڻائي سگهبو. اسٽيئرنگ ڪميٽي وڌيڪ فيصلو ڪيو ته ان عمل جي س??ت نگراني ڪئي وڃي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته وڌيڪ توسيع جي ضرورت نه هجي. نائب وزيراعظم اسلام آباد ايئرپورٽ جي وڌ کان وڌ روينيو جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي هدايت ڪئي. نائب وزيراعظم منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته آئوٽ سورسنگ پروجيڪٽ کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ انتهائي شفاف طريقي س??ن مڪمل ڪيو وڃي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria