اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري ترڪمانستا?? سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ترڪمانستان کي گوادر بندرگاهه سان علائقائي واپار جي فروغ جي لاءِ فائدو کڻڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف عل?? زرداري ترڪمانستان جي ??ابينا جي ??پٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير راشد ميريدوف سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ترڪمانستا?? سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ص??ر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جا لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي ??ڏيل ويزن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن جي ??ٽا??ٽا ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??ڏيل خواهش جو مظهر آهي. هن پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌندا. ص??ر چيو ته ترڪمانستان جا شاگرد پاڪستان جي طبي ادارن مان تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، ترڪمانستان پاڪستا?? سان اقتصادي، ثقافتي ۽ تعليمي تعاون جو فروغ جاري رکندو. پرڏيهي وزير ٻنهي ڀائر ملڪن کي ڳنڍڻ جي لاءِ موٽرويز ۽ ريلوي جي تعمير تي زور ڏنو.
ترڪمانستان کي گوادر بندرگاهه سان علائقائي واپار جي فروغ جي لاءِ فائدو کڻڻ گهرجي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria