ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيدوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين اربع ڏينهن پورٽ قاسم انڊسٽريل اسٽيٽ ڪراچ?? ۾ ??ويوٽا انڊس موٽر ڪمپني لميٽيڊ (آءِ ايم سي) جو دورو ڪيو. ايگزيڪيٽو نائب صدر ٽويوٽا موٽر ايشيا ڪاز وناري اگوچي، سي اي او آءِ ايم سي اصغر علي جمالي ۽ آءِ ايم سي ٽويوٽا جي ٻين سينئر آفيسرن وفاقي وزير جو والهاڻو استقبال ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين آءِ ايم سي ٽويوٽا کي گاڏ??ون روانگي واپار ڪري سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن 64 سيڪڙو تائين آپريشنز جي لوڪلائيزيشن لاءِ آءِ ايم سي انتظاميه جي واکاڻ ڪئي جيڪا پاڪستان حڪومت جي جدت ۽ پاڻ ڀاڙڻ جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي. وفاقي وزير 700 ملين آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري ۽ 76000 يونٽس تيار ڪري قومي ترق?? ۾ ??ويوٽا جي ڪردار کي به تسليم ڪيو. ان کانسواءِ ڪمپني قومي خزاني ۾ 258 بلين جو حصو وجهي ٿي جيڪا ملڪ جي قومي ترقي ۾ ان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. وفاقي وزير ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ هائبرڊ گاڏ??ون تيار ڪري ماحولياتي چئلين??ن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪمپني جي فعال انداز کي به اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته ”ان طرح جا قدم موٽر انڊسٽر?? ۾ ??ين لاءِ ه?? مثال آهن“ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير آءِ ايم سي جي سي اي او اصغر علي جمالي جي قائداڻي ??لاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڪمپني کي ان سنگ ميلن تائين پهچائڻ ۾ ان جو اهم ڪردار رهيو. هن آءِ ايم سي انتظاميه جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته قومي ترقي ۾ ان جو نقطه نظر پاڪستان حڪومت سان هم آهنگ آهي. ٽويوٽا موٽر ايشيا جي ايگزيڪيٽو نائب صدر چيو ته ”آءِ ايم سي سان حصيداري وقت سان گڏوگڏ ٺاهي وئي آهي ۽ تمام گهڻي نتيجا ڏيندڙ آهي. ٽويوٽا ۾ اسان چئون ٿا ته اسان ڪارون ٺاهڻ کان پهرين ماڻهن کي ٺاهيندا آه??ون ۽ هي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهي. پاڪستان طرفان هنرمندي ۽ انساني وسيلن جي تربيت ۾ بهتري، اسان مسلسل تعاون ۽ ڪاميابي جا منتظر آهيون. سي اي او آءِ ايم سي ٽويوٽا اصغر علي جمالي پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير ۽ حڪومت جو ٿورو مڃيو، ڪمپني جي دوري تي وفاقي وزير هڪ ٻوٽو لڳايو، گاڏين جي ايڪسپورٽ يونٽ جو افتتاح ڪيو ۽ آءِ ايم سي ٽويوٽا طرفان کيس هڪ يادگار پيش ڪيو ويو.
صنعت ۽ پيدوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاران پورٽ قاسم انڊسٽريل اسٽيٽ ڪراچي ۾ ٽويوٽا انڊس موٽر ڪمپني لميٽيڊ جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی