اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته پارل??ام??نٽ هائوس جي سمورن داخلي دروازن جا ويڊيو ف??ٽي??ز گهرايا ويا آهن جنهن کان پوءِ ذميوارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مختلف ميمبرن طرفان اٿاريل اعتراضن وا??ن نقطن تي رولنگ ڏيندي اسپيڪر چيو ته گذريل رات جيڪو ڪجهه پارل??ام??نٽ ۾ ٿيو ان واقعي تي اسان کي اسٽينڊ وٺڻو پوندو، مان پارل??ام??نٽ جي سمورن داخلي دروازن جا ويڊيو ف??ٽي??ز طلب ڪيا آهن. هن چيو ته مان پنهنجو پاڻ کي بدقسمت سمجهان ٿو ته 2014ع ۾ پارل??ام??نٽ تي حملو ٿيو ته مان ئي اسپيڪر هئس، هاڻي گذريل ڏينهن به منهنجي دؤر ۾ اهو واقعو ٿيو، ويڊيو ف??ٽي??ز ڏسي ذميوارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻي آهي، مان پاڻ داخل ڪرائيندس. قانون ۽ انصاف وا??ي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اسپيڪر جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، ان سان ??خت??اف نه ٿو ڪري سگهجي. مٺو پوکڻ سان مٺو ئي ڦٽندو، اهو هن ايوان جي تقدس جو مسئلو آهي، ڪير به ان کان پوئتي نه هٽندو، آئين ۽ قانون جي پاسداري ٿيڻ گهرجي. اسپيڪر جي چيمبر ۾ ويهي ان مسئلي جو ڪو حل ڪڍڻ گهرجي. ان کان پهرين علي محمد خان اعتراض وا??ي نقطي تي چيو ته پارل??ام??نٽ اسان سڀني جو جمهوري گهر آهي، وڏي مشڪل سان هتي پهتا آهيون. منهنجو ڪيس جمهوريت آهي، اسان جا نظرياتي ??خت??اف آهن. گذريل رات وا??ي واقعي جي مرتڪب ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. سيد نويد قمر چيو ته واقعي جي جاچ ۽ ضروري ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جي سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته گذريل ڏينهن جيڪو واقعو ٿيو اسپيڪر کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊا پور جلسي ۾ جيڪا تقرير ڪئي اها ڪهڙي جمهوري تقرير هئي. عورتن ۽ ميڊيا لاءِ هن جيڪي لفظ استعمال ڪري جنگ شروع ڪئي آهي، هي سڀ ان جو رد عمل آهي. هن ملڪ لاءِ مفاهمت جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه درست ناهي ته ڪو به چور ڦورو جيڪو انهن جي جهنڊي هيٺان اچي اهو صحيح آهي. هن چيو ته ايئن نه ٿيندو. ڪوبه ٽي وي تي اهو سڀ ڪجهه ڏسي خوش ناهي ٿي رهيو ۽ ملڪ کي ان جو ڪوبه فائدو ناهي. هن چيو ته جڏهن زهر جو ٻج ڇٽيو ويندو ته زهر ئي لڻبو. پي ٽي آءِ وا??ا وڃي ڪري پي ٽي آءِ باني کي سمجهائين ته ملڪ کي هلائڻ جي ايجنڊا تي رولز آف گيمز بنايا وڃن. جڏهن توهان خراب ڳالهائيندو ته موٽ ۾ به اهوئي ملندو. مير منور علي ٽالپر چيو ته اسپيڪر ان ايوان جو ڪسٽوڊين آهي اهڙا ق??م کنيا وڃن ته جيئن آئينده ائين نه ٿئي. شاهده اختر علي چيو ته سمورين پارٽين کي پارل??ام??نٽ ۾ مسئلا درپيش آهن، انهن مسئلن کي ڪهڙيءَ طرح حل ڪري سگهجي ٿو، ان جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. ماضيءَ ۾ اسان جي پارٽي ۽ 2014ع ۾ جهڙيءَ طرح هن پارل??ام??نٽ سان سلوڪ ٿيو هو اهو به مذمت جوڳو هو، اسان کي پارل??ام??نٽ کي طاقتور بڻائڻو آهي، چيئرمين کي ان صورتحال جو ن??ٽي?? وٺڻ گهرجي.
ويڊيو فوٽيجز گهرايا آهن، ذميوارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس