اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي سئو انڊيڪس جا هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ تي سڄي قوم کي م??ارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ حڪومتي پاليسين تي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو، انتشاري ٽولي جي ويندي ئي م??بت رجحان واپس آيو، ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان سنگ ميل کي عبور ڪرڻ تي حڪومتي م??اشي ٽيم ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مصروف عمل عملدارن کي خراج تحسين ڪندي چيو ته مُون پنهنجي قوم سان وچن ڪيو هو ته ملڪي م??اشي استحڪام ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندس. هن چيو ته پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ اسان پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي قرباني ضايع نه وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي، وي??ج 15 سيڪڙو تي ۽ مٽاسٽا جو ناڻو رڪارڊ سطح تي پهچي وي?? هئا، وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ ائين ئي م??نت ڪندا رهنداسين ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن کي پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
وزيراعظم پاران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي سئو انڊيڪس جا هڪ لک پوائنٽس عبور ڪرڻ تي سڄي قوم کي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی