اسلام آباد – 13 – ڊس??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان – تا??ڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تا??ڪستان جي توانائي ??ار?? وزير دلبر جمعه جيڪو پاڪستان – تا??ڪستان جوائنٽ ڪميشن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي پاڪستان – تا??ڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پنهنجي تا??ڪستان جي دوري ۽ تا??ڪ صدر امام علي رحمان سان رياض ۽ باڪو ۾ پنهنجي تا??ين ملاقاتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم تا??ڪ صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته تا??ڪستان جو صدر جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن/ معاهدن تي اطمينان جو اظهار ڪندي زور ڏنو ته انهن تي وقت سر عملدرآمد سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. تا??ڪستان جي وزير پاڪستان ۾ استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ڪاسا – 1000 سميت علائقائي رابطي جا ٻيا منصوبي پڻ بحث هيٺ آيا. ڌرين مواصلات خاص طور تي زم??ني رابطن، توانائي، تعليم، زراعت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سيڙپڪاري ۽ مواصلات ??ار?? وفاقي وزير عبدالعليم خان، اقتصادي معاملن ??ار?? وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي ??ار?? وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم ??ار?? وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
وزيراعظم پاران پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی