پشاور-20 ڊسمبر(اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ملڪي امن استحڪام ۽ ترقي ۾ مسيحي برادري ??ميت سموريون اقليتون ڀرپور ڪردار ادا ڪري ??هيون آهن. ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ مسيحي برادري ??ون خدمتون قدر جوڳيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊورڊز ڪاليج پشاور ۾ ڪرسمس جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب دوران ڪيو. گورنر هائوس پشاور مان جاري ڪيل بيان موجب تقريب ۾ بشپ همفري سرفراز پيٽر، پرنسل پروفيسر شجاعت علي، ايڊورڊز ڪاليج جي شاگردن، فيڪلٽي ميمبرن سميت مسيحي برادري ??ي عورتن ۽ مردن سميت ٻارن جو پڻ وڏو تعداد موجود هو. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي تقريب ۾ ايڊورڊز ڪاليج جي انتظاميا سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون.تقريب ۾ قومي تراني ۽ ڪرسمس جي حوالي سان مسيحي برادري ??ي خاص دعا ۽ ڪرسمس جو گانو پڻ ڳايو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته شاگرد مستقبل جي چيلينجز کي منهن ڏيڻ ل??ءِ جديد تعليم تي ڌيان ڏين ڇاڪاڻ ته اڄ جي دنيا ۾ علم ئي طاقت آهي توهان لاءِ اهو ضروري ??هي ته پاڻ کي تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي منظر نامي ۾ ڪامياب ٿيڻ ل??ءِ ضروري مهارتن سان آراسته ڪيو وڃي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ موجود اقليتن کي ??اڪ??تان جي آئين تحت مڪمل حقن جي ۽ مذهبي آزادي حاصل آهي. ايڊورڊز ڪاليج ۾ هلندڙ سال اقليتي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ 25 وظيفا (اسڪالرشپ ) مختص ڪيون ويون آهن. ايڊورڊز ڪاليج صو??ي جي تاريخي تعليمي درسگاه آهي. ايڊورڊز ڪاليج جي تعليمي ۽ تاريخي حيثيت برقرار رکڻ ل??ءِ پنهنجو سهڪار جاري ??کندس.
ايڊورڊز ڪاليج جي تعليمي ۽ تاريخي حيثيت برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکندس : فيصل ڪريم ڪنڊي
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری