گڏيل قومون- 19 مئي (اي پي پي)پاڪ??تا?? آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ متاثرن کي فوري خطرن کان ??چائڻ لاءِ تيز رفتاري سان ??يسڪيو ۽ رليف جون ڪارروايون ڪيون. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ گڏيل قومن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪ??تا?? جي حڪومت وڏن مالي چئلينجن باوجود ٻوڏ متاثر ماڻهن کي فوري خطرن مان ڪڍڻ ۽ انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت پاڪ??تا?? ڀرپور عزم جو مظاهرو ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين سينڊائي فريم ورڪ فار ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن 30 – 2015ع تي نظرثاني لاءِ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس کي ٻڌايو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري آيل ٻوڏ ۾ 17 سئو فوتگين سان گڏوگڏ ملڪ جو چوٿون حصو ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏي ويو جنهن سبب ٿيل نقصان 30 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، اهڙي طرح پاڪ??تا?? کي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي پنهنجي منصوبن کي عملي جامو پارائڻ ۾ هڪ مشڪل چئلينج درپيش آهي. هن ٻڌايو ته پاڪ??تا?? جي فوج، خاص طور تي فوج جي قيادت ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪاررواين سان ??حالي جي شروعاتي مرحلي کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي، جنهن جي نتيجي ۾ نقصانن ۽ اثرن تي گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو. هن ان موقعي تي گلوبل ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن فنڊ جي قيام جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن ان ??والي سان ??لائقائي سطح تي ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن جي ضرورتن کي ماحولياتي مالي مدد کان ڌار ڪري سگهجي. هن نمائندن کي ٻڌايو ته پاڪ??تا?? زلزلي سبب متاثر ترڪي ۽ شام جي لاءِ مدد جو هٿ وڌايو ۽ 10 هزار ٽن کان وڌيڪ امدادي سامان فضائي، زميني ۽ سامونڊي رستن ذريعي روانو ڪيو. هن چيو ته حڪومت پاڪ??تا?? آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ سينڊائي فريم ورڪ کي لاڳو ڪرڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن ان موقعي تي گڏيل معلومات ۽ ٽيڪنالاجي تائين پهچ جو مطالبو پڻ ڪيو ته جيئن ڪمزور ملڪن کي وقت کان ??ڳ وارننگ جي صلاحيت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
اين ڊي ايم اي جي چيئرمين پاران جنرل اسيمبلي کي خطاب، گذريل سال جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي قدمن کان آگاهه ڪيو
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ