بيجنگ -18 مارچ (اي پي پي) چين روس جي صدر ولاد??مي?? پيوٽن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن، فرانس جي خابرو ادار?? مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان معمول جي پريس ڪانفرنس دوران چيو ته چين روس جي صدر ولاد??مي?? پيوٽن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏئي ٿو. هن چيو ته چين ۽ روس نئين دور ۾ هڪ ٻئي جا سڀ کان وڏا پاڙيسري ۽ جامع اس??ريٽجڪ سهڪار رکندڙ شراڪتدار آهن. هن چيو ته اسان پختو يقين رکون ٿا ته چين جو صدر شي جن ??نگ ۽ روس جو صدر ولاد??مي?? پيوٽن جي اس??ريٽجڪ اڳواڻي تحت چين روس لاڳاپن کي هٿي ملندي. هن چيو ته هلندڙ سال چين ۽ روس وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگره ملهائي پئي وڃي. ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن جا سربراه ويجهي مٽاسٽا کي برقرار رکندا. ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستي کي برقرار رکندا، جامع اس??ريٽجڪ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ نئين دور ۾ چين روس لاڳاپن جي لاڳيتو ترقي کي هٿي وٺرائيندا. روس جي سرڪاري ايجنسي آر آءِ اي گذريل ڏينهن سرڪاري چونڊن جي انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو ته 99 سيڪڙو پولنگ اس??يشنن جي نتيجن کان پوءِ ولاد??مي?? پيوٽن 87.33 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آهن.
چين پاران روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا