بيجنگ-15 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي پرڏيھي وزير وا??گ اي چيو آھي ته عالمي برادري کي وچ اوڀر ۾ ڊگھي ۽ وڌيل تڪرار تي سخت ڳڻتي آھي. پھرين ترجيح غزه ۾ فوري طور تي ھڪ جامع ۽ مستقل جنگبندي ڪرڻ، ٻيو سمورن قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ ٽيون غزه تائين بنا رڪاوٽ انساني پھچ کي يقيني بڻائڻ آھي. ملڪ يا قوم جي ھڪ نظر سان سموريون جانيون قيمتي آھن ۽ غزه ۾ انساني تباھي جاري نه رھڻ گھرجي. سومر ڏينھن پرڏيھي ميڊيا موجب وا??گ اي نئين اسرائيلي پرڏيھي وزير اسرائيل ڪاٽز سان ٽيليفون تي ڳ??لھه ٻولھه ڪئي. وا??گ اي چيو ته غزه جو تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيھر اھو ظاھر ڪري ٿو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر جي مسئلي جو مرڪز بڻ??ل آھي. عالمي برادري جو آواز و??ضح آھي، مطلب ھو جلد کان جلد ”ٻه رياستي حل“ جي رستي تان واپس اچڻ جي اميد رکي ٿي. اھو اسرائيل سميت سمورين ڌرين لاءِ استحڪام ۽ ديرپا سلامتي حاصل ڪرڻ جو صحيح رستو آھي. وا??گ اي چيو ته چين کي اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ تڪرار تي سخت ڳڻتي آھي ۽ اسان اميد ڪيون ٿا ته سموريون ڌريون احتياط کان ڪم وٺن.
چين پاران اسرئيل-ايران جاري تڪرار تي سخت ڳڻتي جو اظھار
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا