مسقط – 12 نومبر (اي پي پي ) اومان پنهنجو پهريون سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو سيٽلائيٽ اومان لاءِ خلا مان اهڙي ڊيٽا ۽ تصويرون فراهم ڪندو جيڪو ايندڙ سالن دوران اومان جي سلطنت لاءِ شهري پلاننگ، ٻيلن جي نگراني ۽ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ شعبي لاءِ فائديمند هوندو. ان سيٽلائيٽ کي اومان او ايل -1 جو نالو ڏنو آه??. جيڪو مصنوعي ذهانت جي جديد سهولت سان جديد ترين ٽيڪنالاجي تحت بڻايو ويو آه??.ان کي چين جي مدد سان چين راڪيٽ مينو فيڪچرنگ (سي اي ايس) اسپيس تان لانچ ڪيو ويو آه??. ملڪ جي جديد ترين ٽيڪنالاجي جي بنياد تي مقامي طورتي پهريون تيار ڪيل سيٽلائيٽ مشاهداتي صلاحيت جي حوالي سان غير معمولي آه?? جيڪو مصنوعي ذهانت سان ليس هجڻ سبب غير معمولي مفاصلي تان به شين کي سمجهڻ جي صلاحي?? رکي ٿو . ان جي تياري بنيادي طورتي اومان جي فضا جي مانيٽرنگ ۽ جائزي لاءِ ڪئي وئي آه?? . جيڪا ريئل ٽائيم ۾ تصوير جي فراهمي ۾ مدد ڏيندي جنهن سان قدرتي وسيلن جي حوالي سان پڻ اومان کي پنهنجا منصوبا تيزي سان اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
اومان پنهنجو پهريون سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز