اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات،نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگردن جو ڪو مذهب نه آهي، اسان کي متحد ٿي انهن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، دهشتگردي جي بزدلاڻن واقعن سان اسان جو عزم وڌيڪ ??ضبوط ۽ مستحڪم ٿيو آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چارسده جي تعلقي تنگي جي عدالت ويجهو خودڪش حملي جي مذمت ڪندي هن چيو ته اسان حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيو?? ۽ ??هشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن جي پونئيرن سان گڏ بيٺل آهيون. مملڪتي وزير چيو ته دهشتگردن عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز جي عزم کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن جا سمورا بزدلاڻا حملا نا??ام ٿيا.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada