اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر چي?? آهي ته موجوده ٽيڪس شرح ۾ ڪو اضافو نه ڪيو ويندو، سمورن ادارن جي سربراهن جون مقرريون ميرٽ تي ڪنداسين، ايندڙ 6 مهينن اندر عوام کي تبديلي ۽ بهتري نظر ايندي، ايل اين جي معاهدن سميت جنهن به معاهدا ڪيا سڀ عوام آ??و آڻينداسين، سوئس بئنڪن ۾ موجود 200 ارب ڊالرز جي معاملي جي ج??چ ڪئي ويندي، قوم جو جيترو پئسو ٻاهرئين ملڪ پي?? آهي، اسان کي هر حال ۾ واپس آڻڻ?? آهي، بدعنواني جي خاتمي جي حوالي سان پنهنجي منشور موجب ڪم ڪنداسين. هن اها ڳالهه نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته معيشت جي موجوده صورتحال جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوي. هن چيو ته قوم جي ٽيڪس جي پئسي بابت حڪومت جوابده هوندي آهي.
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado